ميڊيا ادارن کي پيش مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته آزاد ۽ ذميوار ميڊيا جمهوريت جو بنياد آهي.
اطلاعات کاتي جي اهم اجلاس ۾ گفتگو ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته صوبائي حڪومت ميڊيا سان مضبوط ۽ بااعتماد لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي.
هن چيو ته صحافين جي ڀلائي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ميڊيا ادارن کي پيش مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون.
شرجيل ميمڻ کاتي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ ڊجيٽل ميڊيا کي هٿي ۽ ميڊيا بابت منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.