اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا نئين نيٽ ميٽرنگ ريگوليشنز 2026 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب نئين ريگوليشنز تحت نيٽ بلنگ جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو بائيو گيس واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندو.
ريگوليشنز موجب بلنگ سائيڪل جي پڄاڻي تي بلنگ نظام تحت بل جاري ٿيندو، نيٽ ميٽرنگ واهپيدارن کان نيشنل ايوريج انرجي پرائس موجب بجلي خريد ڪئي ويندي، واهپيدارن کي هاڻ يونٽ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، يونٽ بدلي يونٽ جي فراهمي ختم ڪئي وئي.
ريگوليشنز ۾ چيو ويو آهي ته نيٽ ميٽرنگ واهپيدارن کي موجوده لاڳو ٽيرف جي حساب سان بجلي فراهم ڪئي ويندي، نيشنل گرڊ کي واڌو بجلي جي فراهمي تي واهپيدارن کي ٽن مهينن جي بنياد تي ادائيگي ڪئي ويندي.
نيٽ ميٽرنگ لاءِ معاهدي جو مدو 5 سالن تائين محدود ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معاهدو ختم ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ 5 سال تجديد ڪئي ويندي، نئين ريگوليشنز کانپوءِ نيٽ ميٽرنگ ريگوليشنز 2015 معطل ٿي وينديون.
You might also like