عمران خان جي درخواست رد، اهم فيصلو اچي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽرن کان علاج جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
راولپنڊي ۾ عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽرن کان ميڊيڪل چيڪ اپ بابت درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو، ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج سيد امجد علي شاهه ڪئي هئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان جو طبي معائنو سندس ذاتي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر عاصم، ڊاڪٽر خرم ۽ ڊاڪٽر ثميناکان ڪرايو وڃي.
دليلن ۾ چيو ويو ته ذاتي ڊاڪٽرن کان طبي معائنو ڪرائڻ آئيني، قانوني ۽ اخلاقي حق آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي به ذاتي ڊاڪٽرن جي سهولت حاصل هئي، راولپنڊي جيل رول 795 موجب جيل انتظاميا ڪنهن به قسم جي طبي جاچ بابت گهروارن کي آگاهه ڪرڻ جي پابند آهي.
عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽرن کان علاج جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت چيو ته جيل رولز موجب عمران خان جو مناسب علاج جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.