ڪراچي: ڊفينس جي مصروف روڊ جي بل بورڊن تي نازيبا وڊيو هلي پئي، شهرين ۾ ڪاوڙ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس جي مصروف روڊ تي ايڊورٽائزمينٽ لاءِ لڳايل ايس ايم ڊي اسڪرينز تي نازيبا وڊيو هلي پئي، جنهن تي شهرين سخت احتجاج ڪيو آهي.
اطلاعن موجب ڊي ايڇ اي ۾ خيابان اتحاد روڊ تي لڳل ڊجيٽل ايڊورٽائزمينٽ اسڪرينز کي اڻڄاتل ماڻهن هيڪ ڪري ڪجهه دير لاءِ غير اخلاقي مواد نشر ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ ڳڻتيءَ جي لهر ڇانئجي وئي.
اهو واقعو عبدالستار اوينيو تي پيش آيو، جتي وڏي اسڪرينز تي هلندڙ غير اخلاقي مواد ڏسي شهرين وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون، جيڪي ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي ويون.
اطلاع ملندي ئي لاڳاپيل ادارا متحرڪ ٿيا ۽ فوري طور متاثر اسڪرينز کي بند ڪيو ويو ته جيئن وڌيڪ ڪنهن قسم جو مواد نشر نه ٿئي.
اختيارين موجب احتياطي قدمن طور ڊي ايڇ اي جي ٻين اهم روڊن سان گڏ شاهراهه فيصل ۽ ڪارساز روڊ تي لڳل ڪيترين ئي اسڪرينز کي به عارضي طور بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سسٽمز جي سيڪيورٽي آڊٽ به شروع ڪئي وئي آهي.
واقعي جي جاچ لاءِ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ۽ سائبر ڪرائم يونٽ گڏيل طور ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اسڪرينز کي هيڪ ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ لاءِ ٽيڪنيڪي شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن ۽ ڊيٽا لاگز سميت ٻئي ڊجيٽل رڪارڊ جو جائزو ورتو پيو وڃي ته جيئن ذميوار عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.