اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ڪنهن کي روڊ بند ڪرڻ نه ڏينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه واضح ڪيو آهي ته آئين تحت هر شهري کي احتجاج، جلسي، جلوس ۽ اظهار جي آزادي جو مڪمل حق حاصل آهي پر ان جي آڙ ۾ ڪنهن کي به روڊ بند ڪرڻ ۽ عوام کي تڪليف ۾ وجهڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته احتجاج جمهوري حق آهي ۽ صوبائي حڪومت ان حق جو احترام ڪري ٿي پر احتجاج ائين ٿيڻ گهرجي، جنهن سان عام شهري جي زندگي متاثر نه ٿئي، عوام کي تڪليف ۾ وجهڻ نه رڳو غير ذميواراڻو رويو پر قانون جي ڀڃڪڙي آهي، احتجاج لاءِ مخصوص ۽ متبادل هنڌ موجود آهن، مرڪزي روڊ بند ڪرڻ ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته حڪومت شهر ۾ احتجاج ۽ جلسن لاءِ ڪيترائي هنڌ مختص ڪيا آهن، جتي ماڻهو بنا ڪنهن رنڊڪ جي پنهنجو آواز اٿاري سگهن ٿا پر مرڪزي روڊن تي احتجاج ۽ عوام کي تڪليف ۾ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته اسان ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون، اسان جي جدوجهد ڪشمير جي آزادي تائين جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.