افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن: آمريڪي نشرياتي ادارو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين چيو آهي ته افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.
سي اين اين جي رپورٽ موجب آمريڪي هٿيار دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ هڪ وڏي رنڊڪ بڻجي چڪا آهن، ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي جا دهشتگرد آمريڪي رائفلون، مشين گن ۽ اسنائپر هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي هٿيارن جي موجودگي سبب دهشتگردن جي حملن جي نوعيت ۽ شدت ۾ واڌ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.