سام سنگ اليڪٽرانڪس پنهنجي پهرين ملٽي فولڊنگ سمارٽ فون گيليڪسي زيڊ ٽرائي فولڊ کي متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن کي مارڪيٽ ۾ ڪمپني جي پوزيشن مضبوط ڪرڻ جي هڪ وڏي ڪوشش سمجهيو پيو وڃي.
گيليڪسي زيڊ ٽرائي فولڊ جي قيمت تقريبن 2440 ڊالر رکي وئي آهي، اها فون 3 اسڪرين پينلز تي ٻڌل آهي ۽ ممل طور تي کولڻ تي 10 انچ (253.1 ملي ميٽر) جو وڏو ڊسپلي فراهم ڪندي آهي، جيڪو سام سنگ جي موجوده فولڊنگ ماڊل گيليڪسي زيڊ فولڊ 7 کان تقريبن 25 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
ڪمپني موجب اها ڊوائنس انهن واهپيدارن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪي خاص طور تي ملٽي فولڊ تجربو چاهين ٿا ۽ ان کي وڏي انگ ۾ وڪري لاءِ ناهي ٺاهيو ويو.
اها فون ڏکڻ ڪوريا ۾ تيار ڪئي وئي آهي ۽ 12 ڊسمبر کان تي وڪري لاءِ پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته اڳتي هلي ان کي چين، سنگاپور، تائيوان، گڏيل عرب امارتن ۽ آمريڪا ۾ به لانچ ڪيو ويندو.
You might also like