اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 36 سال اڳ اڄوڪي ئي ڏينهن بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم بڻجي هئي.
ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 1988 ۾ حلف برداري جي تاريخي ڏينهن جي مناسبت سان خاص پيغام جاري ڪيو آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ کان 36 سال اڳ 11 سالن جي آمريت کانپوءِ پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت بحال ٿي ۽ 35 ورهين جي بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم جو اعزاز حاصل ڪيو.
هن چيو ته بينظير ڀٽو جي سربراهي ۾ جمهوريت واپسي جو سفر شروع ڪيو، جنهن سڄي قوم، خاص طور عورتن ۽ نوجوانن ۾ اميد پيدا ڪئي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته بينظير ڀٽو پاڪستان جي سڀ کان ننڍي عمر جي وزيراعظم بڻجي جمهوريت، عوامي حڪومت ۽ برابري جي عزم کي مضبوط ڪيو.
ايوان صدر قوم تي زور ڏنو ته جمهوري اصولن جي پاسداري ۽ قومي اتحاد کي هٿي لاءِ بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌايو وڃي.
Prev Post
You might also like