زيتون: ڪيترين ئي بيمارين جو دشمن

زيتون جي مند اچي وئي آهي، جنهن جو کٽو مٺو ذائقو سڀني جي پسند هوندو آهي.
پر اهو زيتون رڳو ذائقي تائين محدود ناهي ۽ صحت کي به ڪيترائي فائدا پهچائي ٿو.
اهو ته ڄاڻون زيتون کائڻ سان ڪهڙا فائدا ٿين ٿا
ڪينسر جو خطرو گهٽائي ٿو
زيتون ۾ موجود وٽامن سي، لائيڪوپين ۽ ٻيا جزا اهڙن اينٽي آڪسيڊنٽس جو ڪم ڪن ٿا، جنهن سان جسم ۾ نقصانڪار جزن جي سطح گهٽجي ٿي ۽ ڪينسر جي خلين جي واڌ ويجهه کي به روڪين ٿا.
شگر جي مريضن لاءِ بهتر
فائبر سان ڀرپور هجڻ سبب زيتون شگر کي وڌڻ کان روڪي ٿو ۽ بلڊ شگر جي صحت کي ريگوليٽ ڪري ٿو.
دل کي صحتمند بڻائي ٿو
زيتون کائڻ سان جسم ۾ نوڻ يا سوڊيم ۽ پوٽاشيم جي توازن ۾ بهتري اچي ٿي، جنهن سان بلڊ پريشر ڪنٽرول ۾ اچي ٿو، اهو ميوو صحت لاءِ هاڃيڪار ڪوليسٽرول ۽ ٻين اهڙن عنصرن جي سطح کي به گهٽائي ٿو، جيڪي دل جي مرضن جو سبب بڻجن ٿا.
قبضي کان ڇوٽڪارو
زيتون ۾ فائبر جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي، جيڪو هاضمي جي نظام لاءِ فائديمند آهي، زيتون جا ٻج به قبضي کي ختم ڪرڻ جي مدد ڏين ٿا.
اکين جي صحت لاءِ بهتر
وٽامن اي سبب زيتون اکين جي صحت لاءِ به بهترين آهي ۽ نظر ڪمزور ٿيڻ کان بچائي ٿو.
ڳورهاري عورت لاءِ بهتر
ان ميوي ۾ فولڪ ايسڊ موجود هوندو آهي، جيڪو ڳورهاري عورتن کي استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي.
جلد کي به فائدو
وٽامن اي، وٽامن سي ۽ انٽي آڪسيڊنٽس جهڙوڪ ڪيروٽين ۽ لائيڪوپين سبب زيتون جلد کي گهنجن کان بچائي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.