راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ٽي ملڪي سيريز جي ”ڊو اور ڊاءِ“ ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
راولپنڊي ۾ سريلنڪا طرفان مليل 185 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهي سگهي ۽ سريلنڪا 6 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته زمبابوي جي ٽيم فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي.
پاڪستان طرفان ڪپتان سلمان علي آغا ناقابل شڪست 63 رنسن جي اننگز کيڏي پر ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو.
عثمان خان 33، محمد نواز ۽ صائم ايوب 27-27 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
سريلنڪا طرفان چميرا 4 شڪار ڪيا، جڏهن ته ايشان ملنگا 2، هسارنگا هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي سريلنڪن ٽيم مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسون ٺاهيون.
مشارا 76، ڪوشل مينڊس 40، لياناگي 24، ڪپتان شناڪا 17 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان ابرار احمد 2، سلمان مرزا ۽ صائم ايوب هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
سريلنڪا جي فتح کانپوءِ زمبابوي جي ٽيم فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سيريز جو فائنل ڇنڇر تي پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏيو ويندو.
Prev Post
You might also like