عمران خان پاڪستاني تاريخ جو سڀ کان وي آءِ پي قيدي آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان پاڪستاني تاريخ جو سڀ کان وي آءِ پي قيدي آهي.
پي ٽي آءِ عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ جو معاملو سينيٽ ۾ اٿاري ڇڏيو، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ٻڌايو وڃي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪڏهن ڪرائي ويندي؟
جواب ۾ طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وي آءِ پي قيدي آهي، پي ٽي آءِ باني وٽ 6 وڏا بيرڪس آهن، ملڪ ۾ ڪنهن قيدي وٽ باورچي ۽ ايڪسرسائز مشينون ناهن.
هن چيو ته سياسي ڊرامو لڳائڻ لاءِ جيل رکي وئي آهي، اهي ڊرامو ڪرڻ لاءِ جيل سامهون ويهي رهندا آهن، ڪارڪردگي ڪجهه ناهي، ضمني چونڊون هارائي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.