اهڙي بواءِ فرينڊ جي ڳولا ۾ آهيان، جيڪو مون تي خرچ ڪري: سامعه حجاب

مشهور ٽڪ ٽاڪر سامعه حجاب هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻجي وئي، هن ڀيري هن بواءِ فرينڊ جي ڳولا جي حوالي سان بيان ڏئي ڌيان حاصل ڪيو آهي، هن چيو آهي ته مان اهڙي بواءِ فرينڊ جي ڳولا ۾ آهيان، جيڪو مون کي مالي طور سپورٽ فراهم ڪري.
سامعه حجاب چيو ته في الحال مان پنهنجا مالي معاملا پاڻ سنڀالي رهي آهيان پر مان سنجيدگي سان هڪ بواءِ فرينڊ جي ڳولا ۾ آهيان، ڇو ته 3 مهينن کان سنگل آهيان ۽ دبئي ۾ بواءِ فرينڊ جي بنا ڇوڪرين لاءِ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
هن چيو ته مون کي واقعي هڪ بواءِ فرينڊ جي ضرورت آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن ڪو دلچسپي رکي ٿو ته مهرباني ڪري مون سان رابطو ڪري، هونئن وڏي دل وارا ڇوڪرا ڇوڪرين تي خرچ ڪندا آهن.
سامعه حجاب جي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي واهپيدار تنقيد ڪري رهيا آهن.
هڪ واهپيدار چيو ته ڪير به توهان تي مفت خرچ نه ڪندو، ڇو ته ان جي بدلي ناجائز لاڳاپن جي اميد هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.