جيڪڏهن اڄ ملڪ جون واڳون منهنجي هٿ هجن ها ته سڀ کان اڳ نظام درست ڪيان ها: قائداعظم جو تازو انٽرويو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ”طاهر ريويوز“ هڪ منفرد پوڊ ڪاسٽ پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي خيالن کي اي آءِ ذريعي تخليق ڪيو ويو ۽ پاڪستان کي پيش مسئلن تي ڳالهايو ويو.
پوڊ ڪاسٽ ۾ اي آءِ ذريعي تخليق ڪيل قائداعظم کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته اڄ جيڪڏهن پاڪستان جي قيادت منهنجي هٿ ۾ هجي ها ته سڀ کان اڳ نظام کي درست ڪيان ها.
اي آءِ قائداعظم موجب ملڪ ۾ وسيلن جي نه پر نظم ۽ ضبط جي کوٽ آهي، قانون هر شخص کان مٿانهون هجي، جيڪو به قانون جي ڀڃڪڙي ڪري، ان خلاف فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي.
هن موجوده سياسي اڳواڻن بابت ڳالهائيندي چيو ته قيادت ڪنهن عهدي جو نالو ناهي پر ذميواري جو نالو آهي، جيڪو شخص ذميواري نڀائڻ جي لائق نه هجي، اهو قيادت جو حقدار ناهي.
سندس چوڻ هو ته قوم تقريرن سان نه پر محنت سان ترقي ڪنديون آهن، پاڪستان ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي پر اها تڏهن ئي حقيقت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، جڏهن قوم محنت ڪري.
اي آءِ قائداعظم نوجوانن کي پيغام ڏيندي چيو ته توهان جي زندگي توهان جي ذميواري آهي، سکو، محنت ڪيو ۽ پاڪستان جي طاقت بڻجو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.