سينيٽ 27هين آئيني ترميم اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ 27هين آئيني ترميم اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتي.
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ سينيٽ ۾ آئيني ترميمي بل پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، ان دوران پي ٽي آءِ ميمبرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائس سامهون احتجاج ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو سيف الله ابڙو سيٽ تي ويٺو رهيو ۽ احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيو.
ترميم پيش ڪرڻ جي رٿ تي ايوان ۾ ووٽنگ ٿي ته سيف الله ابڙو آئيني ترميم پيش ڪرڻ جي رٿ جي حق ۾ اٿي بيٺو، ان سان گڏوگڏ جي يو آءِ جو احمد خان به رٿ جي حق ۾ اٿيو.
64 سينيٽ ميمبرن 27هين آئيني ترميم جي 59 شقن جي مرحلي وار منظوري ڏني.
ان کانپوءِ 27هين آئيني ترميمي بل سينيٽ تان حتمي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، آئيني ترميمي بل منظوري لاءِ اعظم نذير تارڙ پيش ڪيو.
سينيٽ ميمبرن 27هين ترميم جي حق يا مخالفت ۾ لابيز ۾ وڃي ووٽ ڏنو ۽ ائين 64 ميمبرن ترميمي بل جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته مخالفت ۾ ڪو ووٽ نه آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.