ڪراچي ۾ جعلي ڪرنسي نوٽن جو ڌنڌو، وڏو انڪشاف سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس جعلي ڪرنسي نوٽ ورڪ خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو لکين رپين جا جعلي نوٽ شهر ۾ پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
گڏاپ پوليس موجب جوابدار جي سڃاڻپ اسفند جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جاچ دوران وڏا انڪشاف ڪيا آهن، هن ٻڌايو ته هو پشاور کان ڪراچي جعلي ڪرنسي پهچائڻ آيو هو، هن ڀيري هو 60 لک رپين جا جعلي نوٽ سپلاءِ ڪرڻ نڪتو هو.
جوابدار انڪشاف ڪيو ته هڪ لک رپين جي جعلي نوٽن جو پيڪيٽ 16 کان 17 هزار رپين ۾ ملندو آهي، جڏهن ته هڪ پيڪيٽ جي پهچ تي کيس ٻه هزار رپيا ڪميشن ملندي آهي، هو مهيني ۾ هڪ ڀيرو ڪراچي ايندو آهي ۽ هتي ڊيلر وٽ ڪوريئر جو ڪم ڪندو آهي.
گرفتار جوابدار وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ شاهد نالي ڊيلر جعلي ڪرنسي بابا نالي شخص تائين پهچائيندو آهي، جعلي نوٽ ڪراچي ۽ ملتان ۾ وڏي پيماني تي سپلاءِ ڪيا ويندا آهن، 60 لک رپين جي پهچ عيوض کيس هڪ لک رپيا ملڻا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.