اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزير وانگ اي چيو آهي ته علائقائي امن ۽ استحڪام اسان جو گڏيل هدف آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار وڌائينداسين.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.
هن چيو ته چين پاڪستان کي پنهنجو اعتماد جوڳو اتحادي تصور ڪري ٿو، اسٽريٽجڪ ڀائيواري مضبوط ٿي رهي آهي، پاڪستان سان لاڳاپن کي نين اوچائين تائين وٺي وڃي رهيا آهيون، وزيراعظم شهباز شريف جي چين دوري جا منتظر آهيون.
چيني پرڏيهي وزير ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو.
اسحاق ڊار ٻڌايو ته چيني پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ سي پيڪ سيمت پاڪ – چين لاڳاپن بابت سمورن پهلوئن جو جائزو ورتو ويو.
هن چيو ته سي پيڪ فيز ٽو، عوامي سطح تي رابطا ۽ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان جي سلامتي ۽ خود مختياري جي تحفظ لاءِ چين جي عزم کي ساراهيون ٿا.
پاڪستان کي اعتماد جوڳو اتحادي سمجهون ٿا، لاڳاپن کي نين اوچائين تائين پهچائي رهيا آهيون: چين
You might also like