پنهنجي انسان دوستي سبب عالمي شهرت ماڻيندڙ آمريڪا جو هر دلعزيز جج فرينڪ ڪيپريو 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
رياست روڊز آءِ لينڊ جي ميونسپل ڪورٽ جي چيف جج جي موت کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سڄي دنيا مان لکين ماڻهو خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن.
فرينڪ ڪيپريو پنهنجي فيصلن ۾ انساني همدردي ۽ فريادين جي مدد جي جذبن لاءِ مشهور هو، هو ٻن سالن کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ لاڏاڻي کان هڪ ڏينهن اڳ اسپتال مان پنهنجي چاهيندڙن کي دعا جي اپيل ڪئي هئي.
فرينڪ ڪيپريو اهڙو جج هو، جنهن جي عدالت ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي جون وڊيوز سٺي دنيا ۾ سوشل ميڊيا ذريعي ڏيکاريون وينديون هيون.
هو جن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو هو، اهي سوشل ميڊيا تي شهرين کي قانونن جو احترام ڪرڻ لاءِ ڏيکاريون وينديون هيون ۽ ان جي فيصلن جو انداز انتهائي متاثر ڪندڙ هوندو هو.
ٻڌڻي دوران جج ڪيپريو گهرائي ۾ وڃي اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ڏوهه ڇو ٿيو ۽ اهڙو فيصلو ٻڌائيندو هو جو جوابدار زندگي ۾ ٻيهر ان ڪم جو تصور به نه ڪري.
انسان دوستي سان عالمي شهرت ماڻيندڙ هر دل عزيز آمريڪي جج فرينڪ ڪيپريو لاڏاڻو ڪري ويو
You might also like