ڀارت ڪبوتر کان ڊڄي ويو، پاڪستاني جاسوس قرار ڏئي گرفتار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته سيڪيورٽي فورسز هڪ اهڙو ڪبوتر پڪڙيو آهي، جيڪو ڄمون ريلوي اسٽيشن کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي تي ٻڌل پيغام کڻي وڃي رهيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو ڄمون ضلعي جي سرحدي علائقي آر ايس پورا ۾ پيش آيو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.
هڪ سينيئر پوليس آفيسر ٻڌايو ته اهو ڪبوتر مبينا طور تي پاڪستان طرفان اچي رهيو هو، 18 آگسٽ جي رات تقريبن 9 وڳي ان کي عالمي سرحد ڀرسان ڪٽماريا جي علائقي مان پڪڙيو ويو.
هن چيو ته ڪبوتر جي پيرن ۾ هڪ پرچي ٻڌل هئي، جنهن ۾ ڄمون ريلوي اسٽيشن کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي.
سيڪيورٽي ايجنسيون جاچ ڪري رهيون آهن ته اها رڳو شرارت هئي يا ڪنهن منظم سازش جو حصو آهي.
سيڪيورٽي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو ڪبوتر امڪاني طور خاص تربيت يافتا هو ۽ ان کي سرحد پار کان ڌمڪي واري پيغام سان گڏ ڇڏيو ويو، اهڙن معاملن کي سنجيدگي سان ڏسڻ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.