ضمانت ته قاتل جي به ٿي ويندي آهي، عمران خان جيل مان نڪرندي نظر نه پيو اچي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عمران خان کي 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ 14 سال قيد جي سزا ملي آهي ۽ هو جيل مان نڪرندي نظر نه پيو اچي، ضمانت ته ڦورو ۽ قاتل جي به ٿي ويندي آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته عمران خان ان ڪيس ۾ سڌي ريت ملوث آهي ۽ کيس جواب ڏيڻو پوندو ته ملڪ رياض کي ڪيئن پيسا ڏنا ويا، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته حڪومت کي ايندڙ پيسو ڏنڊ جي مد ۾ جمع ڪرايو وڃي؟
هن الزام هنيو ته ڪابينا مان بند لفافي ۾ معاهدي جي منظوري ورتي وئي، جڏهن عمران خان کان پڇيو ويو لفافي ۾ ڇا آهي ته هن چيو ته ان تي نه ڳالهايو، بس منظوري ڏيو، عمران خان جي فيملي ملڪ رياض کان 5-5 قيراط جون منڊيون ورتيون، ان جو به حساب ڏيڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارا ضمانت تي خوشيون ملهائي رهيا آهن پر ضمانت ته ڦورو ۽ قاتل کي به ملندي آهي، ضمانت ۽ بريت ۾ واضح فرق آهي، 9 مئي جي ڪيسن جو ٽرائل اڃا جاري آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه عمران خان جي منصوبابندي تحت ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.