ٽي ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ: قومي ٽيم دبئي پهچي وئي

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم دبئي پهچي وئي.
قومي ٽيم جا رانديگر ملڪ جي 4 مختلف شهرن مان روانا ٿيا ۽ ٽيم دبئي ۾ گڏ ٿي وئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم دبئي ۾ 21 کان 27 آگسٽ تائين پري سيريز ٽريننگ ڪيمپ ۾ حصو وٺندي.
پاڪستان، افغانستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ ٽي ملڪي سيريز 29 آگسٽ کان شروع ٿيندي ۽ 7 سيپٽمبر تائين جاري رهندي، جڏهن ته ايشيا ڪپ 9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.