ڪَڪر ڦاٽڻ (ڪلائوڊ برسٽ) ڇا هوندو آهي؟

ڪلائوڊ برسٽ خيبر پختونخواهه ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، اسان آنڌاري، طوفاني برسات، ٻوڏ ته ٻڌي آهي پر ڪلائوڊ برسٽ ڇا آهي؟
ڪڪر ڦاٽي پيا، هر پاسي تباهي ٿي وئي، جابلو علائقن ۾ خوفناڪ ٻوڏ اچي وئي ۽ ڪارڻ ڪلائوڊ برسٽ.
جڏهن آسمان تان ڪلاڪن جيترو مينهن ڪجهه منٽن ۾ ئي وسي پئي ته ان کي ڪلائوڊ برسٽ چوندا آهن، ڪلائوڊ برسٽ اهڙو موسمي واقعو آهي، جنهن ۾ محدود علائقي ۾ تمام گهٽ وقت ۾ وڏي پيماني تي برسات ٿيندي آهي، ان جي نتيجي ۾ نه رڳو ٻوڏ پر لينڊ سلائيڊنگ سميت ٻيون تباهيون جنم وٺيون آهن، طاقتور پاڻي، خاص طور جبلن تان ايندڙ پاڻي ڪنهن سامونڊي طوفان کان به وڌيڪ تيزيءَ سان ايندو آهي، جيڪو ڳوٺن جا ڳوٺ اجاڙي ڇڏيندو آهي، رستي ۾ ايندڙ عمارتن کي به لوڙهي ڇڏيندو آهي.
ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟
موسمي تبديلي، وڌندڙ گرمي ۽ ماحولياتي توازن بگڙڻ مرڪزي سببن ۾ شامل آهي، عام طور تي جابلو علائقن ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جا واقعا وڌيڪ پيش ايندا آهن، ڇو ته گرم هوائون جبلن سان ٽڪرائجي ڪڪرن تائين پهچنديون آهن ۽ ٿڌين هوائن سان گڏجي برسات جو سبب بڻجنديون آهن، جڏهن اهو بار وڌي ويندو آهي ته ڪڪرن مان هڪ ئي وقت ۾ سڄو پاڻي هيٺ ڪِري پوندو آهي.
جديد ٽيڪنالاجي باوجود ڪلائوڊ برسٽ جي اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل آهي، ڇو ته اهو مختصر دورانيي ۾ ٿيندڙ اهڙو واقعو هوندو آهي، جنهن کي سيٽلائيٽ يا موسمي ريڊارن ذريعي نٿو پڪڙي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.