لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مبينا زيادتي جي الزام ۾ قومي ڪرڪيٽر حيدر علي کي عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مڊل آرڊر بيٽر حيدر علي مانچسٽر ۾ تڪرار جو شڪار ٿي ويو، قومي ڪرڪيٽر کي 3 ڏينهن اڳ مبينا زيادتي جي الزام ۾ گرفتاري کانپوءِ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.
پي سي بي حيدر علي کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ ان حوالي سان جاچ جاري آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حيدر علي خلاف برطانيا ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعو پاڪستان شاهينز جي انگلينڊ دوري دوران پيش آيو.
پي سي بي ٻڌايو ته حيدر علي خلاف گريٽر مانچسٽر پوليس جاچ ڪري رهي آهي ۽ قومي ڪرڪيٽر کي پي سي بي طرفان ليگل سپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي.
بورڊ موجب پي سي بي برطانيا جي قانوني عمل جو احترام ڪري ٿو ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ تائين حيدر علي معطل رهندو.
You might also like