پاڪستان جي مشهور اڳوڻي ماڊل عبير افتخار جي مڙس سلمان افتخار کي برطانيا جي عدالت 15 مهينن جي قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
نجي ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب پاڪستاني ڄائي برطانوي ڪاروباري شخص سلمان افتخار تي الزام هو ته هن لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ کان لاهور ويندڙ هڪ نجي ايئر لائن جي اڏام دوران هڪ ايئر هوسٽس کي سخت حراسان ڪيو.
اطلاعن موجب سلمان افتخار اڏام دوران نشي جي حالت ۾ هو ۽ پنهنجي پهرين زال ۽ ٽن ٻارن سان گڏ سفر ڪري رهيو هو. اڏام دوران هن نه رڳو ايئر هوسٽس کي حراسان ڪيو، پر کيس اجتماعي زيادتي جون ڌمڪيون به ڏنيون ۽ اهو به چيو ته هو ان جو جسم ساڙي ڇڏيندو. هن واقعي کانپوءِ متاثر عورت سخت ذهني صدمو ڀوڳي رهي آهي.
هي واقعو سوشل ميڊيا تي پڻ بحث جو موضوع بڻيل آهي ۽ سلمان افتخار جي سزا کي، هڪ اهم قانوني اڳڀرائي طور ڏٺو پيو وڃي.
واضح رهي ته سلمان افتخار برطانيا ۾ ٻه ملين پائونڊ جي عاليشان گهر ۾ پنهنجي پهرين زال ۽ ٻارن سان گڏ رهندو آهي. پنج سال اڳ هن پاڪستاني ماڊل عبير افتخار سان ٻي شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ عبير ماڊلنگ جي دنيا کان الڳ ٿي وئي هئي.