ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ مذهب تبديل ڪري پسند پرڻو ڪندڙ ناريءَ کي مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ مذهب جي تبديلي ۽ پسند جي پرڻي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ڇوڪري بينش کي پيش ڪيو ويو.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان پسند جي شادي ڪئي آهي؟ جنهن تي بينش چيو ته ها مان پنهنجي پسند سان شادي ڪئي آهي ۽ مون تي ڪو دٻاءُ نه هو.
عدالت بينش جو بيان رڪارڊ ڪرايو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته شادي وقت سندس عمر 28 سال هئي.
چيف جسٽس چيو ڇوڪريءَ جي پيءَ جو موقف آهي ته زبردستي مذهب تبديل ڪرايو ويو پر بينش واضح طور تي عدالت کي ٻڌايو ته هن مرضي سان مذهب تبديل ڪيو ۽ پنهنجي مڙس سان گڏ خوش آهي.
بينش ٻڌايو ته پيءُ ڪيس ڪندو رهندو آهي ۽ ڌمڪيون به ڏيندو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هاڻ توهان کي ڪجهه نه ٿيندو، ڪير به ڌمڪيون نه ڏيندو.
عدالت ناري ۽ سندس مڙس جا صحيحن سان بيان ڇوڪريءَ جي والد حوالي ڪيا ۽ چيو ته ٻارن جا بيان موجود آهن، توهان پڙهي ٿا سگهو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان جي ڌيءُ بيان ڏنو آهي ته هن پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، اهڙا معاملا عدالت ۾ نه اچڻ گهرجن، قانوني ڪارروائي ڪرڻ بري ڳالهه آهي.
ڇوڪريءَ جي پيءُ اپيل ڪئي ته عدالت سندس ڳالهه به ٻڌي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اسان توهان کي ٻڌنداسين ته پوءِ اسان کي ٻيو ڪجهه به ڪرڻو پوندو، جيڪو اسان نٿا چاهيون، جڏهن ٻارن جي خاص عمر ٿي وڃي ته اهي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندا آهن.
عدالت پيءُ ۽ ڌيءَ جي ملاقات لاءِ رجسٽرار جي ڪمري ۾ انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
عدالت بينش کي مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ پوليس کي ڇوڪري ۽ سندس گهر ڀاتين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو.
You might also like