مستحق عورتن جي سهائتا لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ امدادي پروگرام ٿيندا رهندا آهن، جيڪي ڪجهه ملڪ خاص ڪري ايشيائي ملڪن ۾ گهپلن جو شڪار به بڻبا آهن. جنهن جو مثال پاڪستان ۾ هلندڙ بي آءِ ايس پي به آهي جنهن بابت مختلف وقتن ۾ خبرون رپورٽ ٿينديون رهن ٿيون.
ڀارتي رياست مهاراشٽر ۾ عورتن لاءِ شروع ڪيل امدادي اسڪيم ۾ هزارين مردن پاران پاڻ کي عورت ظاهر ڪري رقم وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب گذريل سال مهاراشٽر ۾ انهن خاندانن جي عورتن لاءِ هڪ اسڪيم “ڇوڪري ڀيڻ يوجنا” شروع ڪئي وئي هئي، جن جي سالياني آمدني 2.5 لک رپين کان گهٽ هئي. ان تحت 21 کان 65 ورهين جي عمر واري عورتن کي هر مهيني 1500 رپيا ڏنا ويندا هئا.
ويمن اينڊ چائلڊ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ (WCD) جي رپورٽ موجب ان اسڪيم ۾ 14 هزار 298 مردن پاڻ کي عورت ظاهر ڪري رجسٽريشن ڪرائي ۽ لڳ ڀڳ 21 ڪروڙ 44 لک رپين جي امداد ورتي، جيڪو سلسلو لڳاتار 10 مهينن تائين هليو.
ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته اسڪيم جي پهرين سال ۾ گڏيل طور 1640 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو، ڇو ته هر خاندان مان رڳو ٻه عورتون رجسٽر ڪري سگهبيون هيون، پر لڳ ڀڳ 8 لک اهڙيون عورتون رجسٽر ٿي ويون، جيڪي ساڳئي خاندان جي ٽين عورت هجڻ جي دعويٰ سان شامل ٿيون، جنهن سان 1196 ڪروڙ رپين جو ڌوڪو ٿيو.
ان کانسواءِ، 2 لک کان وڌيڪ اهڙيون عورتون به اسڪيم مان فائدو وٺي ويون، جن جي عمر 65 سالن کان مٿي هئي، جڏهن ته هڪ لک 62 هزار اهڙين عورتن به امداد ورتي، جن جي گهرن ۾ ڪارون موجود هيون، جيتوڻيڪ اهڙيون فيمليون ان اسڪيم لاءِ اهل نه هيون.
رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، ۽ مردن پاران عورت بڻجي امداد وٺڻ واري معاملي جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.