لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ غلام ڀٽو ڀرسان ڄاڃين تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ عورت مارجي وئي ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
حيدري ٿاڻي جي حد ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي ڄاڃين تي فائرنگ جي نتيجي ۾ بدرالنساء ڀٽو ٿڏي تي مارجي وئي، جڏهن ته اقرار احمد ڀٽو ۽ صفيا زال سهيل ڀٽو زخمي ٿي پئي.
اطلاع تي پوليس پهچي واقعي جا تفصيل ورتا ۽ مقتولا عورت جو مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
Prev Post
Next Post
You might also like