ڳورهاري عورتن کي آلو بخارا ڇو کائڻ گهرجن؟ فائدا توهان کي دنگ ڪري ڇڏيندا

آلو بخارو هڪ مزيدار ميوو ۽ گرمين جي سوغات آهي، جيڪو ذائقي ۾ مٺو ۽ فائبر سان ڀرپور هوندو آهي.
آلو بخاري ۾ فائبر سان گڏوگڏ وٽامنز، لوڻياٺ، معدنيات ۽ ڪاربو هائيڊريٽس به موجود آهن.
هونئن ته هر عمر وارن ماڻھن کي آلو بخاري جا فائدا ماڻڻ گهرجن پر خاص ڪري اهو ڳورهاري عورتن لاءِ تمام ضروري آهي.
رت جي کوٽ ختم ڪري ٿو
حمل دوران رت جي کوٽ هڪ عام مسئلو آهي، جنهن لاءِ آئرن سان ڀرپور خوراڪ استعمال ڪرڻ ضروري آهي، آلو بخارو رت ٺاهڻ ۾ مددگار آهي، جيڪو رت جا ريڊ سيل ٺاھڻ جو ڪم ڪندو آهي.
انٽي آڪسيڊنٽ سان ڀرپور
آلو بخاري ۾ وٽامن سي موجود آهي، جيڪو آئرن کي جسم ۾ جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي، ان کانسواءِ هي هڪ مضبوط اينٽي آڪسيڊنٽ پڻ آهي، جيڪو جسم کي تيزابيت کان بچائيندو آهي.
قبض کي ختم ڪري ٿو
حمل دوران ڊاڪٽرن پاران ميون ۽ ڀاڄين جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڏني ويندي آهي ته جيئن قبض کان بچي سگهجي، ڇو ته قبض سبب حمل تي بُرو اثر پئجي سگهي ٿو، تنهنڪري آلو بخارو ان ۾ مفيد آهي.
هڏن لاءِ فائديمند
هن ميوي ۾ وٽامن اي وڏي مقدار ۾ هوندو آهي، جيڪو هڏن کي مضبوط بڻائي ٿو، ساڳي ريت ان ۾ پوٽاشيم، وٽامن ڪي، ڪيلشيم ۽ فاسفورس به هوندا آهن، جيڪي هڏن جي صحت لاءِ ضروري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.