پوليس جي گاڏي کاهيءَ ڪِرڻ سبب 5 اهلڪار شهيد

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي ضلعي باغ ۾ پوليس جي گاڏي سان حادثي ۾ 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پوليس ڪنٽرول روم باغ موجب تولي پير کان لسڊنه ويندڙ پوليس جي گاڏي اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
اختيارين ٻڌايو ته حادثو ڏورانهن علائقي ۾ پيش آيو ۽ اونداهي سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش آيون.
شهيدن ۾ انسپيڪٽر علي احمد بخاري، انسپيڪٽر نويد احمد، انسپيڪٽر ياسر عرفات، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ذاڪر حسين ۽ اڪائونٽنٽ محمد فهيم شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.