رمضان کان اڳ ئي ڪڪڙ جو گوشت مهانگو ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ مهينو شروع ٿيڻ کان اڳ ڪڪڙ جي گوشت جو اگهه آسمان تي پهچي ويو.
راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ منافعي خور متحرڪ ٿي ويا، اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت سڄي پنجاب ۾ ڪڪڙ جو گوشت مهانگو ٿي ويو، 14 هزار رپيا مڻ وڪرو ٿيندڙ ڪڪڙ جو گوشت 17 هزار رپيا مڻ تائين پهچي ويو.
جيئرو ڪڪڙو 460 رپيا ڪلو ٿي ويو، جڏهن ته گوشت به عوام جي پهچ کان ٻاهر ساڍا 800 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي.
ڪراچي ۾ به ڪڪڙ جو گوشت اوچتو وڌڻ سان عوام پريشان آهي، 620 رپيا ڪلو ملندڙ ڪڪڙ جو گوشت 750 رپين تائين پهچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.