ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي 60 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪيويز طرفان مليل 321 رنسن جي هدف جي جواب ۾ قومي ٽيم 47.2 اوورن ۾ 260 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان طرفان خوشدل شاهه 69، بابر اعظم 64، سلمان علي آغا 42 رنسن سان اڳڀرا رهيا، فخر زمان 24، حارث رئوف 19، شاهين آفريدي 14، نسيم شاهه 13، سعود شڪيل 6، محمد رضوان 3 رنسون ٺاهيون.
ڪيوي ڪپتان مچل سينٽنر، ول رورڪي 3-3، ميٽ هينري 2، مچل بريسويل ۽ نيٿن سمٿ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ نيوزيلينڊ ٽام ليٿم ۽ وِل يَنگ جي سينچرين جي مدد سان پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 321 رنسن جو هدف ڏنو.
نيشنل بينڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
نيوزيلينڊ 50 اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 320 رنسون ٺاهيون. وِل يَنگ 107 رنسون ٺاهيون، ٽام ليٿم ناقابلِ شڪست 118 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 10 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته گلين فلپس به 61 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان نسيم شاهه ۽ حارث رئوف ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ابرار احمد هڪ شڪار ڪيو.
ڪيويز جو ڪراچي ۾ ڪارنامو، دفاعي چيمپيئن ۽ ميزبان پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ هارائي ويو
You might also like