بهترين ڪيمرائون، طاقتور بيٽري، فاسٽ چارجر ۽ گهڻو ڪجهه، ويوو جي هن فون ڌماڪو ڪري ڇڏيو

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ”ويوو“ پنهنجي وي سيريز جي بهترين ڪيميرا رکندڙ فون متعارف ڪرائي ڇڏي.
ڪمپني ”وي 50“ کي نه رڳو بهترين ڪيمرا پر فاسٽ چارجر ۽ طاقتور بيٽري سان متعارف ڪرايو آهي.
ويوو ”وي 50“ کي 7-6 انچ اسڪرين، جڏهن ته ٻن بيڪ ڪيمرائن ۽ هڪ فرنٽ ڪيمرا سان گڏ پيش ڪيو ويو.
فون جي بيڪ تي ٻئي 50 ميگا پڪسل جون ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته هن ڀيري ڪيمرا ٽيڪنالاجي کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي.
اهڙي ريت وي 50 جي فرنٽ تي 50 ميگا پڪسل جي سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي ۽ ان ۾ به جديد ٽولز ڏنا ويا آهن.
فون کي اينڊرائيڊ 15 رکندڙ آپريٽنگ سسٽم، سنيپ ڊريگن جنريشن 7 جي چپ ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته فنگر پرنٽ سميت ٻيا سيڪيورٽي فيچر به ڏنا ويا آهن.
وي 50 کي 8 ۽ 12 جي بي ريم، جڏهن ته 512 بي جي ميموري جي ماڊيولز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
فون جي 8 جي بي ماڊيول جي قيمت پاڪستاني هڪ لک 10 هزار رپيا، جڏهن ته 12 جي بي ماڊيول جي قيمت هڪ لک 30 هزار رپيا رکي وئي آهي.
فون کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڪيمرائن سبب ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.