پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪرم ۾ ڊپٽي ڪمشنر تي فائرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪوهاٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪرم فائرنگ جي ڪيس ۾ نامزد دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب ڊپٽي ڪمشنر تي حملي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ڪرم ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 5 ڄاتل جوابدارن سميت 30 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس ۾ دهشتگردي روڪ سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته واقعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪرم ۽ 3 ايف سي اهلڪار زخمي ٿيا.
ٻئي طرف ڪوهاٽ ۾ چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪرم واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏيو نه ويندو ۽ امن خراب ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪرم فائرنگ ۾ نامزد دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويندو، سهولتڪارن کي پڻ نشاندهي ڪري ڪيس ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ ڪرم ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ ملوث عنصرن کي نه ڇڏيو ويندو.
هوڏانهن ڪرم ضلعي ۾ قلم 144 تحت 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي 2 مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب هٿيارن جي نمائش تي پڻ 2 مهينن لاءِ پابندي هوندي.
Prev Post
You might also like