لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي انجريءَ جو شڪار نوجوان بيٽر صائم ايوب کي علاج لاءِ فوري طور لنڊن موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
محسن نقوي صائم ايوب کي علاج لاءِ لنڊن موڪلڻ جو فيصلو ڊاڪٽرن سان مشاورت کانپوءِ ڪيو، محسن نقوي پاڻ به صائم ايوب سان رابطو ڪيو ۽ خيريت معلوم ڪئي، گڏوگڏ ان جي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.
پي سي بي چيئرمين چيو ته لنڊن جي اسپورٽس آرٿو جا ماهر ڊاڪٽر صائم ايوب جو چيڪ اپ ڪندا، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڊاڪٽر ممريز علاج جي سموري ڪيس کي ڏسي رهيو آهي.
محسن نقوي موجب ڊاڪٽر ممريز صائم ايوب جون سموريون رپورٽون لنڊن موڪلي ڇڏيون آهن، صائم پاڪستان ڪرڪيٽ جو اثاثو آهي، کيس جلد ڪيپ ٽائون کان لنڊن موڪليو ويندو، اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود به صائم ايوب سان گڏ لنڊن ويندو.
هن چيو ته صائم ايوب جي انجري ڳڻتي جوڳي آهي، دنيا جي بهترين اسپتال ۾ سندس چيڪ اپ ۽ علاج ڪرايو ويندو ۽ علاج لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا، اميد ته صائم چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ مڪمل طور صحتياب ٿي ويندو.
Next Post
You might also like