اڄڪلهه ناقص کاڌ خوراڪ ۽ طرز زندگي جي ڪري صحت جا مسئلا وڌي ويا آهن، ڪراچي ۾ ته تازو دل جي دورن جي حوالي سان ٿيل سروي ۽ انڪشاف ڳڻتي واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ اهو واضح ٿي ويو آهي ته موتمار خطرن کان بچڻ لاءِ هوٽلنگ يا فاسٽ فوڊز جو استعمال ختم ڪرڻو ئي ڪرڻو پوندو.
صحت جي حوالي سان ٻيا ته ڪيترائي مسئلا آهن جن کان به محفوظ رهڻ انتهائي ضروري آهي پر جيڪڏهن توهان دل جي بيمارين، جهڙوڪ دل جي دوري ۽ فالج کان بچڻ چاهيو ٿا، ته ڪيلن، دالين ۽ پالڪ جهڙين غذائن جي استعمال کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو.
اهڙي ڳالهه ڳالهه جرنل نيوٽريشن ۾ ڇپيل هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جسم ۾ ميگنيشيم نالي منرل جي کوٽ سبب دل جي شريانن جي صحت تي اثر پوي ٿو، جنهن سان مختلف سنگين بيمارين جو خطرو وڌي سگهي ٿو.
ميگنيشيم هڪ اهڙو منرل آهي جيڪو انساني جسم جي ڪيترن ئي افعال، جيئن اعصاب، مسلز ۽ هڏين جي لاءِ انتهائي اهم آهي.
تحقيق ۾ ماضي ۾ ٿيل ڪيترن ئي تحقيقاتي رپورٽن جو تجزيو ڪيو ويو، جنهن سان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ميگنيشيم جي کوٽ جي ڪري جسم تي ڪهڙا اثر پون ٿا.
تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو ته 1990 ۽ 2000 جي ڏهاڪن دوران ٿيل تحقيقن ۾ اهو سامهون آيو هو ته جسم ۾ ميگنيشيم جي کوٽ سبب دل جي شريانن جا افعال متاثر ٿين ٿا.
تحقيق مطابق 2006 کان پوءِ جي تحقيقاتي ڪم ۽ ڪلينڪل ٽرائلز مان اهو ثابت ٿيو آهي ته ميگنيشيم جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين جهڙوڪ هاءِ بلڊ پريشر، هارٽ فيليوئر ۽ دل جي بيمارين سان موت جي وچ ۾ تعلق موجود آهي.
تحقيق ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته 2018 ۽ ان کان پوءِ جي تحقيقن ۾ اهو معلوم ٿيو آهي ته ميگنيشيم جي کوٽ سبب هاءِ بلڊ پريشر، فالج، دل جي بيمارين، دل جي ڌڙڪڻ ۾ بي ترتيبي، هارٽ فيليوئر، دل جي دوري ۽ موت جو خطرو وڌي ٿو.
ماهرن ٻڌايو آهي ته ميگنيشيم جي کوٽ مختلف طريقن سان دل جي بيمارين جو خطرو وڌائي ٿي.
مثال طور، ميگنيشيم جي کوٽ سبب ٽيڪسائيڊن اسٽريس ۽ سوزش سان لاڳاپيل دٻاءُ وڌي ٿو، جڏهن ته ڪجهه ڊيٽا مان ان خيال کي طاقت ملي ٿي ته ميگنيشيم جي کوٽ سبب جسم ۾ چربي جي سطح به وڌي ٿي.
ماهر مطابق تحقيقاتي رپورٽن مان ڄاڻ ملي آهي ته ميگنيشيم جي دائمي کوٽ سبب رت ۾ موجود چربي ۾ تبديليون اچن ٿيون.
ان لاءِ ماهرن صلاح ڏني آهي ته ميگنيشيم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊارڪ چاڪليٽ، ڦرين وارا ميوا، داليون، مڇي، ڪيلن، سائي پنن واريون سبزيون ۽ سالم اناج جهڙوڪ جَون جهڙا کاڌا استعمال ڪيا وڃن. جنهن جي ڪري دل جي بيمارين، دل جي دوري ۽ فالج جي خطرن کي گهٽائي سگهجي ٿو.