انگور خشڪ ٿي ڪشمش جي شڪل اختيار ڪندا آهن، ۽ ان عمل دوران انگورن ۾ موجود غذائي جزا ۽ مٺاڻ گڏجي ويندو آهي، جنهنڪري ڪشمش کي غذائي جزن ۽ توانائي سان ڀرپور ميوو سمجهيو وڃي ٿو.
ڪشمش هر هنڌ سولائي سان ملندڙ خشڪ ميوو آهي.
ڪشمش ۾ پروٽين، فائبر، قدرتي کنڊ، ڪاربو هائيڊريٽس، آئرن، پوٽاشيم، ٽامي، وٽامن بي 6، ۽ مينگنيز سميت ڪيترائي غذائي جزا موجود آهن.
ڪشمش کي سياري جي موسم ۾ ته ڪيترائي ماڻهو ٻين خشڪ ميون سان گڏائي کائيندا هوندا يا وري ان جو استعمال ڪسٽرڊ، کيرڻي ۽ ٻين شين ۾ ملائي ڪيو ويندو هوندو پر ڇا توهان ڪڏهن ان کي پاڻي ۾ پُسائي استعمال ڪيو آهي؟ ڇو ته پاڻي ۾ پسائي استعمال ڪرڻ سان به ڪشمش جا ڪيترائي فائدا هوندا آهن جن جي شايد ئي ڪنهن کي خبر هوندي.
پاڻي ۾ ملائڻ کانپوءِ ته ڪشمش جا فائدا هوندا ئي هوندا آهن پر اهو پاڻي به دل جي صحت، سڪون ۽ ٻين فائدن وارو هوندو آهي.
بهرحال اڄ اسان پاڻي ۾ پسيل ڪشمش جي فائدن بابت ٻڌائينداسين، تحقيقاتي رپورٽون ڪجهه دلچسپ نتيجا ڏيکارين ٿيون، جيڪي هتي بيان ڪجن ٿا:
جسماني وزن گھٽائڻ ۾ مدد
ڪشمش ۾ موجود قدرتي کنڊ مٺاڻ واري شين جي خواهش کي گھٽ ڪري ٿي. پاڻيءَ ۾ ڀِڄايل ڪشمش استعمال ڪرڻ سان رت ۾ کنڊ جي سطح متوازن رهي ٿي ۽ اضافي ڪيلوريز جسم جو حصو نٿيون بڻجن، جنهن سان وزن گھٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي.
نظام هاضمو بهتر بنائي
ڪشمش فائبر ۾ مالا مال آهي، ۽ ان کي پاڻيءَ ۾ ڀِڄائي کائڻ يا ان جو پاڻي پيئڻ سان قبض کان نجات ملي ٿي ۽ هاضمي وارو نظام بهتر ٿئي ٿو.
جگر جي صحت لاءِ فائديمند
ميٺا شربت جگر لاءِ نقصانڪار ٿي سگهن ٿا، پر پاڻيءَ ۾ ڀِڄايل ڪشمش کائڻ يا ان جو پاڻي پيئڻ سان جگر جي صفائي ٿئي ٿي ۽ ان جي صحت بهتر ٿئي ٿي. ڪشمش ۾ موجود فليوونوئڊز رت صاف ڪن ٿا، جنهن سان جگر صحتمند رهي ٿو.
مدافعتي نظام کي مضبوط ڪري
ڪشمش ۾ موجود وٽامن بي ۽ سي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪن ٿا، جنهن سان عام موسمي بيمارين کان بچاءُ ممڪن بڻبو آهي.
نظر جي صحت لاءِ فائديمند
ڪشمش ۾ اهڙا مرڪب موجود آهن، جيڪي عمر سان لاڳاپيل اکين جي ڪمزوريءَ کان بچائڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اها ڪشمش کائڻ سان وڌندڙ عمر جي ڪري نظر گهٽ ٿيڻ ۽ اکين جي ٻين مسئلن کان بچي سگهجي ٿو.
هڏين کي مضبوط بڻائي
ڪشمش ۾ موجود فائٽو نيوٽرينٽس ۽ ڪيلشيم هڏين جي صحت کي بهتر ڪن ٿا ۽ ڪمزوريءَ کان تحفظ فراهم ڪن ٿا. پاڻي ۾ پسيل ڪشمش طاقت جو خزانو هوندي آهي.
خون جي کوٽ پوري ڪري
ڪشمش آئرن سان به مالا مال آهي، جيڪا رت جي ڳاڙهن جزن جي واڌ ويجهه ۾ مددگار آهي. ان سان گڏ ڪشمش ۾ ٽامو به موجود آهي، جيڪو رت جي جزن جي ٺهڻ جو عمل تيز ڪري ٿو.
بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول گھٽ ڪري
ڪشمش رت جي دٻاءُ کي گھٽائي، دل جي بيمارين ۽ فالج کان بچاءُ ۾ مدد ڪري ٿي. پوٽاشيم جي موجودگي ان کي دل جي صحت لاءِ وڌيڪ فائديمند بڻائي ٿي.
توانائي وڌائي
ڪشمش گلوڪوز جو قدرتي ذريعو آهي، جيڪو جسماني توانائي ۾ واڌارو ڪري ٿو. ان جو پاڻي پڻ ٿڪاوٽ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
چمڙي لاءِ فائديمند
ڪشمش ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس چمڙي کي نقصانڪار مواد کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ان ۾ وٽامن اي ۽ وٽامن اي به شامل آهن، جيڪي چمڙي کي صحتمند رکڻ سان گڏ عمر جي اثرن کي گھٽائين ٿا.