لاڙڪاڻي ۾ 3 مهينا اڳ گم ٿيل نينگر جو پتو نه پيو، وارث پريشان، ڌرڻي جو چتاءُ

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي شهر مان 3 مهينا اڳ گم ٿيل نينگر جو پتو نه پيو، جنهن سبب سندس گهر ڀاتي سخت پريشان آهن.
حنيف ڀٽو ڪالوني واسي عرفان علي سهڙو جو 10 ورهين جو پٽ عبدالباسط سهڙو جو ٽي مهينا گذرڻ باوجود پتو نه پيو، سندس وارثن محمد اسلم سهڙو، عبدالغني سهڙو، خليق احمد سهڙو ۽ ٻين قائد عوام پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عبدالباسط 13 سيپٽمبر جو رات جو سودو وٺڻ گهران نڪتو پر واپس نه موٽيو.
هنن چيو ته اسان حد جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي پر ڪو کڙتيل نه نڪتو، جنهن کانپوءِ اسان ايس ايس پي ۽ ڊي جي آءِ آفيس پنڌ ڪيا پر اڃا تائين نينگر جو پتو ناهي ڪيو.
سندن چوڻ هو ته اسان غريب مسڪين آهيون، پ پ چيئرمين سميت ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿا ڪيون ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي، جيڪڏهن هو واپس نه موٽيو ته 27 ڊسمبر تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي شهر جا روڊ بند ڪري ڇڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.