لکت ڏيو، وڊيو کڻو! هٿرادو ذهانت جي جديد ترين ٽيڪنالاجي متعارف

اوپن اي آءِ ڪمپني هڪ نئين اي آءِ وڊيو ٽيڪنالاجي "سورا” متعارف ڪرائي آهي، جيڪا واهپيدارن کي اعليٰ معيار جون وڊيوز ٺاھڻ جي لاءِ وڏي مددگار ثابت ٿيندي.

سورا ٽربو واهپيدارن کي 20 سيڪنڊن تائين ھاءِ ڊي فنيشن وڊيوز تيزي سان ۽ سولي طريقي سان تيار ڪرڻ جو تجربو مهيا ڪري ٿو.

اوپن اي آءِ آن لائن اعلان ڪندي چيو ته اسان پنهنجي وڊيو جنريٽنگ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي رهيا آهيون ته جيئن عوام ان سان لاڳاپيل نون موقعن کي ڳولي ۽ تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪري سگھي.

ڪمپني وڌيڪ چيو ته اسان کي اميد آهي ته سورا جو شروعاتي ورزن ماڻهن کي نئين تخليقي شڪلين کي ڳولڻ، پنهنجون ڪهاڻيون ٺاهڻ ۽ ان جي صلاحيتن کي اڳتي وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪندو.

واهپيدارن هن اي آءِ وڊيو ٽيڪنالاجي کي هاڻوڪي ڊجيٽل ڄاڻ شامل ڪرڻ، لکت مان نئون مواد ٺاهڻ، ان کي ڊگهو ڪرڻ ۽ ري ميڪس لاءِ استعمال ڪري سگهڻ جي قابل بڻايو آهي.

سورا ۾ موجود اسٽوري بورڊ ٽول واهپيدارن کي لکت، تصويرون يا وڊيو شامل ڪندي ھر فريم جا نتيجا ڪنٽرول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.