پريانڪا جي فلسطيني ٿيلهي سان پارليامينٽ ۾ انٽري، بي جي پي ميمبرن کي مرچ لڳي ويا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪانگريس جي نئين چونڊيل پارليامينٽ ميمبر پريانڪا گانڌي به فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ڇڏيو.
پريانڪا گانڌي ميمبر چونڊجڻ کانپوءِ پارليامينٽ جي پهرئين ئي اجلاس ۾ جيڪو ٿيلهو کڻي آئي، ان تي فلسطين لکيل هو.
ڀارتي ميڊيا موجب پريانڪا گانڌي گذريل هفتي ڀارت ۾ فلسطيني ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سان به ملاقات ڪئي هئي.
حڪمران جماعت بي جي پي جي ميمبرن پريانڪا جي ان عمل تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ماڻهو اهڙيون حرڪتون خبرن ۾ رهڻ لاءِ ڪندا آهن.
واضح رهي ته پريانڪا گانڌي غزا ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف آواز اٿاريندي ان کي فلسطينين جي نسل ڪشي قرار ڏئي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.