رنگ ڀورو نه ٿيو! ڪريم ٺاهيندڙ ڪمپني تي لکين رپيا ڏنڊ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪنزيومر ڪميشن هڪ شڪايت جي جواب ۾ لاڳاپيل ڪاروباري اداري تي 15 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
دهلي جي نکل جين شڪايت داخل ڪرائي هئي ته هن ايمامي ڪمپني جي ”فيئر اينڊ هينڊسم“ ڪريم کي اشتهار ڏسي خريد ڪيو هو.
اشتهار ۾ چيو ويو هو ته ڪو شخص هي ڪريم مسلسل ٽي هفتا استعمال ڪري ته ان جي چهري جو رنگ چمڪي ويندو، يعني اهو ڀورو ٿي ويندو.
نکڪ جين موجب هن ڪريم کي چهري سان گڏ ڪنڌ تي به لڳايو ته جيئن ڪو فرق پئي پر ٽي هفتن تائين صبح ۽ شام ڪريم استعمال ڪرڻ باوجود رنگ ۾ ڪو فرق نه آيو.
2015 ۾ واهپيدارن جي هڪ عدالت نکل جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو، جنهن جي خلاف ڪمپني جي اپيل ڪامياب ٿي پر نکل همت نه هاري ۽ ڪنزيومر ڪميشن سان رابطو ڪيو ۽ پنهنجي ڳالهه مڃرائي.
دهلي جي ڪنزيومر ڪميشن پنهنجي فيصلو ۾ لکيو ته رنگ ڀورو ڪرڻ واري ڪريم جي پيڪيٽ تي گمراهه ڪندڙ دعويٰ داخل هئي ۽ هدايتون به اڻ پوريون هيون.
ڏنڊ جي رقم مان رڳو 50 هزار رپيا نکل کي ملندا، جڏهن ته 14 لک 50 هزار رپيا اسٽيٽ ڪنزيومرز ويلفيئر فنڊ ۾ ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.