اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ بجلي مهانگي ٿي وئي.
نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 20 پيسا في يونٽ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي نوٽيفڪيشن موجب اها واڌ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، جنهن سان سان واهپيدارن تي هڪ ارب 18 ڪروڙ 70 لک رپين جو واڌو بار پوندو.
نوٽيفڪيشن موجب ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جو ڊسمبر 2024 جي بل ۾ لاڳو ٿيندي.
واڌ لائن لائن، پري پيڊ واهپيدارن، ونٽر پيڪيج تحت بجلي استعمال ڪندڙن تي لاڳو نه ٿيندي.
You might also like