سعودي عرب کي فيفا ورلڊ ڪپ 2034 جي ميزباني ملي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اربع ڏينهن فٽبال جي عالمي تنظيم طرفان 2034 جي ورلڊ ڪپ جي ميزباني سعودي عرب کي ڏيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
سعودي عرب پهريون ڀيرو فيفا مينز ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندو، سعودي عرب جي 5 شهرن جا 15 مختلف اسٽيڊيم ورلڊ ڪپ ميچز جي ميزباني ڪندا.
ان کانسواءِ عالمي فٽبال جي گورننگ باڊي جي ورچوئل ڪانگريس تصديق ڪئي آهي ته 2030 جي ورلڊ ڪپ جي مراڪش، اسپين ۽ پرتگال گڏيل طور ميزباني ڪندا، جڏهن ته ڏکڻ آمريڪا ۾ به ورلڊ ڪپ 2030 جون 3 ميچون کيڏيون وينديون.
Prev Post
Next Post
You might also like