اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه فيض حميد تي چارج شيٽ تي تحريڪ انصاف جو موقف سامهون اچي ويو.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته فيض حميد تي چارج شيٽ سان اسان جو ڪو واسطو ناهي، فوج جا پنهنجا قانون ۽ قاعدا آهن، جنهن تحت اها ٽرائل ڪندي آهي.
واضح رهي ته اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه فيض حميد کي باضابطا طور چارج شيٽ ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like