”نَنهن لاهڻي“ ۾ ننڍو سوراخ ڇو هوندو آهي؟ ڪنهن کي به خبر نه هوندي!

نَنهن هونئن ته بليڊ ۽ ڪينچي سان به لاهي سگهجن ٿا پر انهن کي لاهڻ وارو سولي ۾ سولو عمل نَنهن کي نَنهن لاهڻي سان لاهڻ هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته ”نَيل ڪٽر“ هر گهر ۾ موجود هوندي آهي.

توهان نَنهن لاهڻيون ته مختلف قسمن جون ڏٺيون هونديون پر هر نَنهن لاهڻي جي آخر يا کڻي ائين ڇئجي ته پُڇَ ۾ هڪ سوراخ هوندو آهي، جيڪو ان جي منهن واري ٻن ڇيڙن کي ڳنڍڻ سان گڏ ان تي لڳل روات کي به ڳنڍيندو آهي، ڪنهن نَنهن لاهڻي ۾ روات نه به هجي تڏهن به ان جي پُڇ ۾ ننڍو سوراخ ضرور هوندو، ان سوراخ جا وڏا استعمال توڙي فائدا ٿين ٿا پر ان بابت شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي.

سڀ کان پهرين انجنيئرنگ اصولن جي ڳالهه ڪنداسين ته ڪنهن به ڌاتوءَ ۾ اهڙي قسم جا سوراخ زور يا دٻاءَ جي ورڇ کي متوازن رکڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن، مطلب ته ان سوراخ جي ڪري ئي نَنهن ڪٽڻي ڀڄڻ کان محفوظ رهندي آهي، جيڪڏهن اهو سوراخ نه هجي ته نَنهن لاهڻ وقت نَنهن ڪٽڻي کي زور ڏيڻ سان ان جي هيٺان يا مٿان واري پَٽي ٽٽڻ جا گهڻا امڪان هوندا آهن.

هاڻي اچون ٿا ان سوراخ جي فائدن ڏانهن.

نَنهن ڪٽڻي ۾ ننڍڻو نظر اچڻ وارو اهو سوراخ وڏي خاصيتن وارو آهي، سڀ کان پهرين ته ان سوراخ جي مدد سان ننهن ڪٽڻي کي محفوظ بڻائڻ جو پَڪو انتظام ملي ٿو، ننڍڙي هجڻ ڪري ننهن ڪٽڻي ڪنهن به جاءِ تي رکڻ کانپوءِ ڳولڻ تمام ڏکي ثابت ٿي سگهي ٿي خاص ڪري ان گهر لاءِ جنهن گهر ۾ ننڍا ٻار موجود هجن، ان لاءِ جيڪڏهن جي سوراخ ۾ جيڪڏهن ڪا ننڍڙي چين ٻڌي ڪمري توڙي گهر جي حال ۾ ڪنهن سامهون نظر ايندڙ هنڌ تي لٽڪائي ڇڏجي ته اهو ان سوراخ جي ڪري ممڪن ٿيندو.

ان سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته گهر کان ٻاهر هوندي ڪو به ڪم ڪار ڪندي هٿن يا پيرن جا نَنهن اَڌ ٽُٽي يا لهي پوندا آهن جن کي فوري طور تي لاهڻ يا ڪٽڻ ضروري هوندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ به نَنهن ڪٽڻي جو اهو سوراخ وڏو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو ڇو ته ان سوراخ جي مدد سان ننهن ڪٽڻي کي چاٻي سان جوڙي انکي چاٻي جي ڇَلي (ڪي چَين) طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو، اهو سوراخ نَنهن ڪٽڻي کي هر هنڌ کڻي وڃڻ لاءِ توهان کي وڏي مدد ڏيندو.

انهن شين سان گڏ اهو سوراخ نَنهن ڪٽڻي جي ڊزائن کي به خوبصورت بڻائيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.