صوابي (ويب ڊيسڪ) صوابي جي علائقي ڍير ولار گدون ۾ گاڏي تي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا.
صوابي پوليس موجب اڻڄاتل ماڻهن گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس ٻڌايو ته واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو، واقعي ۾ هڪ ٻار به زخمي ٿيو، جڏهن ته جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا.
پوليس موجب لاشن ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي حوالي سان جاچ جاري آهي.
You might also like