نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شهر ڪانپور ۾ علائقائي حدن تان کدڙن فقيرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران پٿراءَ ۽ فائرنگ ۾ ڪيترائي کدڙا فقير زخمي ٿي پيا.
ڪانپور جي علائقي چڪري ۾ رهندڙ کدڙي فقير رولي گوڊيا ٻڌايو ته مان هن علائقي ۾ گذريل 25 سالن کان رهان ٿي پر کدڙن فقيرن جي هڪ ٻئي گروهه هتي اچي پنڻ شروع ڪيو، جنهن تي مان پوليس کي شڪايت ڪئي پر ڪا ڪارروائي نه ٿي.
هن چيو ته مان رات جو هڪ وڳي پروگرام تان گهر موٽيس ته گاڏي مان لهندي ئي پٿرن سان حملو ڪيو ويو، مون کي بچائڻ لاءِ ساٿي پهتا ته انهن تي فائرنگ ڪئي وئي.
پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملندي تي اهلڪار اتي پهچي ويا ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، جوابدارن جي ڳولا جاري آهي ۽ جلد کين گرفتار ڪيو ويندو.
واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ کدڙن فقيرن کي جهيڙو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
You might also like