ملڪ رياض جو ”ڏکڻ دبئي“ جديد ترين شهر اڏڻ جو اعلان!

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) ڪاروباري شخصيت ملڪ رياض ڏکڻ دبئي ۾ جديد ترين شهر اڏڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي سان دبئي ايوي ايشن سٽي ۽ بحريا ٽائون جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ٿي ويون آهن.

المڪتوم انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ويجهو جديد ماسٽر پلانڊ ڪميونٽي جي تعمير جو منصوبو عالمي معيار جي رهائش ۽ ڪمرشل سهولتون مهيا ڪندو.

دبئي ايوي ايشن سٽي ڪارپوريشن ۽ ڏکڻ دبئي جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين خليفا الزفين جو چوڻ آهي ته اهو منصوبو جديد ولاز، ٽائون هائوسز ۽ اپارٽمينٽس تي ٻڌل هوندو. بحريا ٽائون جو جديد تعليمي، طبي ۽ تفريحي سهولتن وارو منصوبو ڏکڻ دبئي عالمي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش مرڪز بڻبو.

بي ٽي پراپرٽيز جي گروپ سي اِي او احمد علي رياض ملڪ جو چوڻ آهي ته ان منصوبي سان رهائشين کي مثالي طرز زندگي مهيا ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، اهو منصوبو دبئي جي تعميراتي منظر نامي ۾ هڪ نمايان واڌ هوندو.

بحريا ٽائون جي نئين منصوبي سان پاڪستان جي اڏاوتي صنعت کي به عالمي سطح تي پذيرائي ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.