کُل جا سِم سِم! ڪروڙين رپين جي لڪل خزاني جي ڳولا لاءِ ڪتاب جاري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ۾ هڪ ڪرپٽو ڪرنسي ڪروڙ پتي مختلف هنڌن تي ڪروڙين روپين جو خزانو لڪائي ڇڏيو ۽ لڪايل خزاني تائين پهچڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪتاب ڇپرائي ڇڏيو آهي.

جان کولنز بليڪ نالي آمريڪي شهري انڪشاف ڪيو آهي ته هن اولمپڪ گولڊ ميڊلز، واپاري ڪارڊ، تاريخي نمونن ۽ بٽڪوئن تي مشتمل ڪروڙي رپيا پنج دٻن ۾ لڪايا آهن.

خزاني کي لڪائڻ بابت هن خزانو اندر آهي جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو آهي جنهن ۾ هنن خزاني جي مڪمل طور وضاحت ڪئي ۽ لڪايل جاين بابت اشارا پڻ ڏنا آهن.

کولنز جو چوڻ آهي ته ته اهي دٻا زمين ۾ دفن ناهن ڪيا، سمورا دٻا ڪنهن نه ڪنهن مُک روڊ جي ٽن ميلن جي مفاصلي تائين سرڪاري عمارتن ۾ لڪايا آهن.

سندس چوڻ هو ته کيس ان خزاني جي هاڻوڪي حقيقت قيمت جي خبر ناهي پر هن اهڙي ملڪيت لاءِ ٻه ملين ڊالر کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي آهي.

ڪتاب ۾ ڪيئن خزاني جي ڳولا کي محفوظ ۽ خوشگوار بڻائڻ بابت هڪ مڪمل باب لکيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.