مانجهند ( ن ع آ ) مانجهند ڀرسان ڳوٺ زيمي انڊس هاءِ وي تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ ٽريڪٽر ٽرالي سان پويان ايندڙ موٽر سائيڪل ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ زيمي واسي 20 ورهين جو ڳڀرو نوجوان اياز علي کوسو، سندس دوست 19 ورهين جو شرجيل کوسو موقعي تي دم ڏنو، گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، فوتين جي لاشن جي لمس اسپتال ڄامشورو مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وئي، خاڻوٺ پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.