نواب شاهه (پ ر) عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير شاھينه شير علي اڄ نواب شاهه پھچي دارالامان نواب شاهه جو دورو ڪري دارالامان ۾ رھندڙ عورتن سان ملاقات ڪئي ۽ انھن کان سندن مسئلا معلوم ڪيا ان موقعي تي صوبائي وزير شاھينہ شير علي چيو ته سنڌ حڪومت پاران معاشري جي ستايل بيوس ۽ لاچار عورتن کي سھارو ڏيڻ لاءِ سيف ھائوسز ۽ دارالامان قائم ڪيا ويا آھن.