ٺاروشاهه ( رپورٽ : تنوير قريشي ) ٺاروشاهه ۾ قائم ٿيل رورل هيلٿ سينٽر جيڪا هن وقت عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي، جڏهن ته ٺاروشاهه ۾ ڪيترا ڊاڪٽر آهن، جيڪي ڊيوٽي تان غير حاضر آهن، صرف صبح واري شفٽ ۾ هڪ اڌ ڊاڪٽر اچي ٿو باقي سڄو ڏينهن اسپتال پٽيوالن ۽ چوڪيدارن جي حوالي هوندي آهي، اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب ڪيترائي غريب علاج نه ٿيڻ ۽ سهولتون نگ ملڻ ڪري موت جو شڪار ٿيا آهن،